SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نئين تنقيد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

نئين تنقيد

(Neo Criticism)

تنقيد جو هي قسم تاريخي تنقيد جي انحراف جو نتيجو آهي. هن قسم پٽاندر تخليق جي ڪنهن به شهپاري کي ان جي پنهنجي حيثيت ۾ آزاد، خود وجودي، تخليقي پورهيو، تجربي لائق ڄاڻي ان کي تخليقڪار جي خواهش ۽ شخصيت جي ڇانو ۾ پڙهيو ۽ پرجهيو نه ويندو آهي، نه فقط ايترو، پر خارجي حالتن جي عڪس کان به ان کي بچائيندي، ان جي منفرد حيثيت ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪڏهن ادب کي تخليقڪار ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ بدران ان کي فقط انفرادي حيثيت ۾ جاچيو وڃي ته ان کي نئين تنقيد چيو ويندو آهي . تنقيد جي هن قسم جي حامين جو چوڻ آهي ته انساني روح دائمي ۽ مستقل آهي. ان ڪري تاريخ يا ماضيءَ جو سهارو وٺڻ اجايو آهي. ان ڪري ڪنهن به ادبي شهپاري کي تاريخ جي اوندهه ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ مناسب نه آهي، پر ان بدران تخليق کي ان جي خيال سازي، تخليقڪار جي تصور ۽ ادب جي اظهار کي ڪسوٽي بڻائي قلمي پورهئي کي پرکيو وڃي. ماضيءَ بدران پنهنجي دؤر جي عوامي ۽ انساني زندگي ۽ تجربن جي ڪسوٽيءَ کان سواءِ تنقيد جي ٻي بهتر ڪسوٽي ٿي نٿي سگهي.


Remember Me Also:

الحان

ذ. [ع. لَحنُ جمع اِلحان] اَلاپ ، مٺو آواز ، مٺو سُر ، سريلو آواز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal